ضياء الدين برني 1

ضياءُ الدين برني 1: مشهور تاريخ نويس ضياءُ الدين برني ميرن ۾ ڄائو. سندس وڏا دهلي سلطنت ۾ وڏن عهدن تي ڪم ڪندا هئا. سندس ڏاڏو حسام الدين، غياث الدين بلبن وٽ اهم عهدي تي هو. سندس والد معيد الملڪ، ارڪلي خان وٽ نائب هو. ارڪلي خان فيروز الدين خلجيءَ جو پٽ هو. ضياءُ الدين جو چاچو غلام الملڪ، علاؤ الدين خلجي جي دور ۾ دهليءَ جو ڪوٽوال هو. برنيءَ ڪڏهن به سرڪاري نوڪري ڪا نه ڪئي. پر هو محمد بن تغلق جو ساٿي رهيو ’هن محمد بن تغلق سان زندگيءَ جا 17 سال گڏ گذاريا، انهي دؤر ۾ هو وقت جي وڏي موسيقار ۽ صوفي شاعر امير خسرو جي به ويجهو رهيو. محمد تغلق جي وفات کان پوءِ کيس گهڻين تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو. جيل ۾ هوندي هن محمد بن تغلق جي دؤر تي ’تاريخ فيروز شاهي‘ نالي ڪتاب لکيو. جيڪو اڄ هندوستان ۽ سنڌ تي اعليٰ ماخذ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن ڪتاب لکڻ تي کيس اميد هئي ته هو ٻيهر بادشاهه جي نظر ۾ جاءِ پيدا ڪري وٺندو پر ائين ٿي نه سگهيو. سندس ڪو به قدر ڪو نه ٿيو ۽ غربت جي زندگي گهاريندي 1357ع ۾ وفات ڪري ويو سندس قبر نظام الدين اولياء (دهلي) جي درگاهه جي احاطي ۾ مرزا خسرو جي مقبري جي ڀر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو